1 اوھان مان ڪنھن کي ايتري جرئت آھي ڇا جو ڪنھن ٻئي ڀاءُ سان ڪو معاملو ھجيس تہ فيصلي لاءِ ايمان وارن وٽ نہ، پر بيدينن وٽ وڃي؟
2 ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ خدا جي قوم دنيا جو انصاف ڪندي؟ جيڪڏھن دنيا جو انصاف اوھان جي ھٿان ٿيڻو آھي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن جا بہ اوھين لائق نہ آھيو ڇا؟
3 ڇا اوھين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ ھن دنيا جا معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟
4 تنھنڪري جيڪڏھن اوھان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آھن تہ انھن فيصلن لاءِ اوھين اھڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي اوھان جي ڪليسيا جا ئي نہ آھن؟
5 آءٌ چوان ٿو تہ اوھان کي شرم اچڻ گھرجي. ڇا اوھان ۾ ڪوبہ اھڙو سياڻو ڪونھي جيڪو اوھان ايمان وارن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟
6 پر اٽلندو ايمان وارو، ايمان واري تي ڪيس ٿو ڪري سو بہ بيدينن وٽ.
7 حقيقت ۾ اھا اوھان جي وڏي شڪست آھي جو اوھين ھڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو. ظلم سھڻ ڇو نہ ٿا بھتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟