1.ڪرنٿين 6:13-19 SCLNT

13 ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو.

14 خدا جھڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تھڙيءَ طرح ھو اسان کي بہ پنھنجي قدرت سان جيئرو ڪري اٿاريندو.

15 ڇا پوءِ بہ اوھين نہ ٿا سمجھو تہ اوھان جا بدن مسيح جا عضوا آھن؟ تڏھن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنھن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، ھرگز نہ.

16 ڇا اوھين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ملي ٿو، سو انھيءَ سان گڏجي ھڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”اھي ٻئي گڏجي ھڪ جسم ٿي پوندا.“

17 پر جيڪو خداوند سان ملي ٿو سو روحاني طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي وڃي ٿو.

18 سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري.

19 اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي،