14 خدا جھڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تھڙيءَ طرح ھو اسان کي بہ پنھنجي قدرت سان جيئرو ڪري اٿاريندو.
15 ڇا پوءِ بہ اوھين نہ ٿا سمجھو تہ اوھان جا بدن مسيح جا عضوا آھن؟ تڏھن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنھن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، ھرگز نہ.
16 ڇا اوھين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ملي ٿو، سو انھيءَ سان گڏجي ھڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ”اھي ٻئي گڏجي ھڪ جسم ٿي پوندا.“
17 پر جيڪو خداوند سان ملي ٿو سو روحاني طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي وڃي ٿو.
18 سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري.
19 اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي،
20 ڇالاءِجو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو.