12 باقي ھنن لاءِ خداوند جو نہ، بلڪ منھنجو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن ڀاءُ جي زال ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھا ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھا ڇڏڻ نہ گھرجي.
13 يا جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھو ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھو ڇڏڻ نہ گھرجي.
14 ڇالاءِجو ديندار زال جي ڪري بيدين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بيدين زال پاڪ ٿئي ٿي، نہتہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن.
15 انھيءَ ھوندي بہ جيڪڏھن غير مذھب وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿيڻ گھري تہ ڀلي جدا ٿئي. اھڙين حالتن ۾ ديندار مڙس يا زال ٻڌل نہ آھي. پر خدا اسان کي صلح سان رھڻ لاءِ سڏيو آھي.
16 ڇالاءِجو اي زال! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي مڙس کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ يا اي مڙس! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي زال کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟
17 پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.
18 جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻطھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي.