1.ڪرنٿين 7:13-19 SCLNT

13 يا جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھو ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھو ڇڏڻ نہ گھرجي.

14 ڇالاءِ⁠جو ديندار زال جي ڪري بي⁠دين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بي⁠دين زال پاڪ ٿئي ٿي، ⁠نہ⁠تہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن.

15 انھيءَ ھوندي بہ جيڪڏھن غير مذھب وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿيڻ گھري تہ ڀلي جدا ٿئي. اھڙين حالتن ۾ ديندار مڙس يا زال ٻڌل نہ آھي. پر خدا اسان کي صلح سان رھڻ لاءِ سڏيو آھي.

16 ڇالاءِ⁠جو اي زال! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي مڙس کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ يا اي مڙس! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي زال کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟

17 پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.

18 جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻ⁠طھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي.

19 طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي.