1.ڪرنٿين 7:35-40 SCLNT

35 اھو آءٌ اوھان کي اوھان جي فائدي لاءِ ٿو چوان نڪي ڦاسائڻ لاءِ، تہ جيئن اوھين يڪدلا ٿي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رھو.

36 جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھن پنھنجي ڇوڪريءَ کي ڪنوارو رکي ساڻس سٺي ھلت نہ ڪئي آھي ۽ ھوءَ جوانيءَ کان بہ موٽي آھي ۽ ھاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انھيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، تڏھن کيس اھو اختيار آھي. انھيءَ ۾ ڪوبہ گناھہ ڪونھي، سو ڀلي شادي ڪرائيس.

37 پر جنھن ماڻھوءَ پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ۽ مجبور بہ نہ آھي، بلڪ پنھنجي ارادي جو مضبوط آھي ۽ دل ۾ اھو پڪو پھہ ڪيو اٿائين تہ پنھنجي ڇوڪري ڪنواري رکندس تہ ھو چڱو ٿو ڪري.

38 اھڙيءَ طرح جيڪو پنھنجي ڪنواري ڇوڪريءَ کي پرڻائي ٿو سو چڱو ٿو ڪري ۽ جيڪو پنھنجي ڪنواري ڇوڪريءَ کي نہ ٿو پرڻائي سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري.

39 زال ايتري وقت تائين ٻڌل آھي جيستائين سندس مڙس جيئرو آھي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي ٿو تہ ھوءَ آزاد آھي، جنھن سان وڻيس تنھن سان پرڻجي، بشرطيڪ اھو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو ھجي.

40 منھنجي راءِ آھي تہ جيڪڏھن اھا نہ پرڻجي تہ وڌيڪ خوش رھندي ۽ آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ خدا جو پاڪ روح آھي، جيڪو منھنجي ھدايت ڪري ٿو.