7 تنھن ھوندي بہ منھنجي اھا خواھش آھي تہ سڀ ماڻھو مون وانگر ھجن. پر ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي خدا کان پنھنجي پنھنجي ڏات مليل آھي، ڪنھن کي ڪھڙي تہ ڪنھن کي ڪھڙي.
8 پر اڻپرڻيلن ۽ رننزالن کي منھنجو چوڻ آھي تہ انھن لاءِ اھو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ ٿو رھان تيئن ھو بہ رھن.
9 پر جيڪڏھن ماڻھو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇالاءِجو شھوت ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بھتر آھي.
10 باقي جيڪي پرڻيل آھن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنھنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي.
11 پر جيڪڏھن ھوءَ کڻي جدا ٿئي ٿي تہ وري ٻي شادي نہ ڪري، بلڪ پنھنجي مڙس سان پرچي وڃي ۽ مڙس بہ پنھنجي زال کي طلاق نہ ڏئي.
12 باقي ھنن لاءِ خداوند جو نہ، بلڪ منھنجو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن ڀاءُ جي زال ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھا ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھا ڇڏڻ نہ گھرجي.
13 يا جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھو ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھو ڇڏڻ نہ گھرجي.