1.ڪرنٿين 9:14-20 SCLNT

14 ساڳيءَ طرح خداوند حڪم ڏنو آھي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

15 پر مون انھن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آھي ۽ نڪي آءٌ ھي انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان تہ اھڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پھريائين مرڻ بھتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اھو فخر کسي وٺي.

16 جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي ٿو ڪريان تہ اھا مون لاءِ ڪا فخر جي ڳالھہ ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام ضروري آھي. جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي حال تي افسوس آھي.

17 سو جيڪڏھن آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان ائين ڪريان تہ انھيءَ جو اجورو مون کي ملندو. پر جيئن تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ٿو ڪريان، تہ پوءِ ڄڻ تہ اھا ھڪ ذميواري آھي جا مون کي سونپي ويئي آھي.

18 تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.

19 آءٌ ھڪ آزاد ماڻھو آھيان ۽ ڪنھن جو بہ غلام نہ آھيان. پر مون پاڻ کي ھر ڪنھن جو غلام بڻائي ڇڏيو آھي تہ جيئن گھڻي ۾ گھڻا ماڻھو ھٿ ڪريان.

20 يھودين لاءِ آءٌ يھودين جھڙو بڻيس تہ جيئن يھودين کي ھٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين ھوس.