1.ڪرنٿين 9:15-21 SCLNT

15 پر مون انھن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آھي ۽ نڪي آءٌ ھي انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان تہ اھڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پھريائين مرڻ بھتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اھو فخر کسي وٺي.

16 جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي ٿو ڪريان تہ اھا مون لاءِ ڪا فخر جي ڳالھہ ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام ضروري آھي. جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي حال تي افسوس آھي.

17 سو جيڪڏھن آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان ائين ڪريان تہ انھيءَ جو اجورو مون کي ملندو. پر جيئن تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ٿو ڪريان، تہ پوءِ ڄڻ تہ اھا ھڪ ذميواري آھي جا مون کي سونپي ويئي آھي.

18 تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.

19 آءٌ ھڪ آزاد ماڻھو آھيان ۽ ڪنھن جو بہ غلام نہ آھيان. پر مون پاڻ کي ھر ڪنھن جو غلام بڻائي ڇڏيو آھي تہ جيئن گھڻي ۾ گھڻا ماڻھو ھٿ ڪريان.

20 يھودين لاءِ آءٌ يھودين جھڙو بڻيس تہ جيئن يھودين کي ھٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين ھوس.

21 غير قومون جيڪي شريعت کان سواءِ آھن، تن لاءِ آءٌ انھن جھڙو بڻيس تہ جيئن کين ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ خدا جي شريعت کان سواءِ ڪين ھوس. اھو ائين جو آءٌ مسيح جي شريعت جو پابند ھوس.