1.ڪرنٿين 9:7-13 SCLNT

7 ڇا ڪڏھن ڪو پنھنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آھي؟ ڇا اھڙو ڪو مالھي آھي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اھڙو ڪو ڌنار آھي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انھيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو ڪم آڻي؟

8 اھي ڳالھيون آءٌ انساني دستور موجب ٿو چوان. ڀلا شريعت بہ ائين نہ ٿي چوي ڇا؟

9 ڇالاءِ⁠جو موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي،تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ڇا ڀلا خدا کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آھي؟

10 يا ھو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ ھائو، اھو اسان جي لاءِ لکيو ويو آھي، تہ جيئن ھاري اميد رکي ھر ڪاھي ۽ جيڪو اَنُ ڳاھي ٿو تنھن کي اھا اميد رکڻ گھرجي تہ کيس پوک مان حصو ملندو.

11 جيڪڏھن اسان اوھان ۾ روحاني شيون پوکيون آھن، تہ پوءِ اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي جو اوھان مان اسين مادي شيون لڻون.

12 جيڪڏھن ٻيا اوھان جي حق مان حصو وٺن ٿا، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آھي ڇا؟ تنھن ھوندي بہ اسان اھو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سھندا رھون ٿا تہ متان عيسيٰ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجھون.

13 اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ جيڪي ھيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آھن سي ھيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان⁠گاھہ جا خدمتگار آھن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟