2.ڪرنٿين 1:13-19 SCLNT

13 اسين اوھان ڏانھن ڪا اھڙي ڳالھہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوھين پڙھي يا سمجھي نہ ٿا سگھو.

14 اميد اٿم تہ اوھين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. ھاڻي اوھين اسان کي رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا. پر جيئن خداوند عيسيٰ جي ڏينھن اوھين اسان تي فخر ڪري سگھو ٿا، تيئن اسين اوھان تي فخر ڪنداسين.

15 جيئن ⁠تہ مون کي انھيءَ سموري ڳالھہ جي پڪ ھئي، تنھنڪري سڀ کان اڳ ۾ اوھان سان ملڻ جو ارادو ڪيم، تہ جيئن اوھان کي ٻٽيون برڪتون ملن.

16 تنھنڪري سوچيم تہ مڪدونيا ڏانھن ويندي ۽ وري اتان موٽندي اوھان سان ملان، تہ جيئن اوھين مون کي يھوديہ ڏانھن روانو ڪريو.

17 تہ پوءِ جڏھن مون اھو ارادو ڪيو تہ ڪا ڦيرڦار ڪيم ڇا؟ يا جيڪي ڳالھيون آءٌ رٿيان ٿو سي دنياوي ماڻھن وانگر رٿيان ٿو ڇا؟ جو ڪڏھن ”ھا، ھا“ بہ ڪريان تہ ساڳئي وقت ”نہ، نہ“ بہ؟

18 پر قسم آھي خدا جي سچائيءَ جو تہ جيڪي ڪجھہ اسين اوھان کي چئون ٿا، ان ۾ ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻہ معنائون ڪين آھن.

19 ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنھن جي تبليغ مون، سيلاس ۽ تيمٿيس اوھان ۾ ڪئي ھئي، اھو ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻئي ڪين ھئا، پر ان ۾ ھميشہ ”ھائو“ ئي آھي.