1 ڪاش! اوھين منھنجي ٿورڙي بيوقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. ھا، ضرور برداشت ڪريو.
2 مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.
3 پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن.
4 جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟
5 ڇالاءِجو جن رسولن کي اوھين تمام وڏو ٿا چئو، آءٌ پاڻ کي تن کان ذرو بہ گھٽ نہ ٿو سمجھان.