15 تنھنڪري جيڪڏھن شيطان جا خادم بہ پنھنجو ويس مٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جھڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونھي. پر انھن جي پڇاڙي سندن ڪمن جھڙي ٿيندي.
16 آءٌ وري بہ ٿو چوان تہ مون کي ڪوبہ بيوقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏھن اوھين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بيوقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.
17 جيڪي ڪجھہ آءٌ ھاڻي چوان ٿو سو خداوند جي طرفان نہ، بلڪ ڄڻ تہ ھڪ بيوقوف وانگر پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري چوان ٿو.
18 جڏھن تہ ٻيا گھڻا ئي ماڻھو جسماني طور فخر ڪن ٿا، تڏھن آءٌ بہ فخر ڪندس.
19 ڇالاءِجو اوھين پاڻ ايترا ڏاھا ھوندي بہ خوشيءَ سان بيوقوفن جون ڳالھيون برداشت ڪريو ٿا.
20 ھن ڪري جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوھان کان غير واجبي فائدو ٿو وٺي، يا اوھان کي دوکو ٿو ڏئي، يا پنھنجي وڏائي ٿو ڪري يا اوھان جي منھن تي چماٽ ٿو ھڻي تہ اوھين برداشت ٿا ڪريو.
21 آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور ھئاسين.پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڳالھہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آھي تہ آءٌ بيوقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آھيان.