1 مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي، جيتوڻيڪ انھيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونھي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا آھن، ھاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.
2 آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو.
3 آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اھو ماڻھو اوچتو بھشت تائين کنيو ويو. مون کي خبر ناھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ. اھو خدا ڄاڻي ٿو.
4 اتي ھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون جيڪي بيان ڪرڻ جون نہ آھن ۽ جن جو چوڻ ماڻھوءَ کي جائز نہ آھي.
5 اھڙي شخص تي تہ آءٌ فخر ڪندس، پر سواءِ پنھنجين ڪمزورين جي آءٌ پنھنجو پاڻ تي فخر نہ ڪندس.
6 پر جيڪڏھن آءٌ فخر ڪرڻ گھران بہ، تہ بيوقوف نہ ٿيندس، ڇالاءِجو آءٌ سچ ڳالھايان ٿو. تڏھن بہ آءٌ پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻھو، جھڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنھن کان وڌيڪ سمجھي.