2.ڪرنٿين 12:12-18 SCLNT

12 حقيقت ۾ مون رسول ھئڻ جون علامتون وڏي صبر سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ معجزن سان اوھان تي ظاھر ڪيون.

13 ڪھڙيءَ ڳالھہ ۾ اوھان ٻين ڪليسيائن کان گھٽ ٿيا، سواءِ ھن جي تہ آءٌ اوھان تي بار نہ ٿيس؟ جي اھا غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو.

14 ھاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوھان وٽ اچڻ لاءِ تيار آھيان ۽ اوھان تي بار نہ ٿيندس. ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان جي مال جي نہ بلڪ اوھان جي ضرورت آھي. ھن ڪري جو ٻارن کي ماءُ⁠پيءُ جي لاءِ نہ، بلڪ ماءُ⁠پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي.

15 تنھنڪري آءٌ اوھان جي روحاني فائدي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان سڀ ڪجھہ خرچ ڪندس، بلڪ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جڏھن تہ آءٌ اوھان کي گھڻو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ اوھين ڪو مون کي گھٽ پيار ڪندا ڇا؟

16 اوھين قبول ڪندا تہ مون پاڻ اوھان تي بار نہ وڌو، تنھن ھوندي بہ متان ڪو ائين چوي تہ مون چالاڪي ڪري اوھان کي ٺڳيءَ سان ڦاسايو.

17 ڀلا مون پنھنجن موڪليل ماڻھن مان ڪنھن جي بہ وسيلي اوھان کان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟

18 مون طيطس کي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوھان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنھي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ ھلياسين ڇا؟