2.ڪرنٿين 12:2-8 SCLNT

2 آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو.

3 آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اھو ماڻھو اوچتو بھشت تائين کنيو ويو. مون کي خبر ناھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ. اھو خدا ڄاڻي ٿو.

4 اتي ھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون جيڪي بيان ڪرڻ جون نہ آھن ۽ جن جو چوڻ ماڻھوءَ کي جائز نہ آھي.

5 اھڙي شخص تي تہ آءٌ فخر ڪندس، پر سواءِ پنھنجين ڪمزورين جي آءٌ پنھنجو پاڻ تي فخر نہ ڪندس.

6 پر جيڪڏھن آءٌ فخر ڪرڻ گھران بہ، تہ بي⁠وقوف نہ ٿيندس، ڇالاءِ⁠جو آءٌ سچ ڳالھايان ٿو. تڏھن بہ آءٌ پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻھو، جھڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنھن کان وڌيڪ سمجھي.

7 مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.

8 ھن بابت مون ٽي دفعا خداوند کي منٿ ڪئي تہ اھو مون کان پري ڪيو وڃي.