2.ڪرنٿين 12:3-9 SCLNT

3 آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اھو ماڻھو اوچتو بھشت تائين کنيو ويو. مون کي خبر ناھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ. اھو خدا ڄاڻي ٿو.

4 اتي ھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون جيڪي بيان ڪرڻ جون نہ آھن ۽ جن جو چوڻ ماڻھوءَ کي جائز نہ آھي.

5 اھڙي شخص تي تہ آءٌ فخر ڪندس، پر سواءِ پنھنجين ڪمزورين جي آءٌ پنھنجو پاڻ تي فخر نہ ڪندس.

6 پر جيڪڏھن آءٌ فخر ڪرڻ گھران بہ، تہ بي⁠وقوف نہ ٿيندس، ڇالاءِ⁠جو آءٌ سچ ڳالھايان ٿو. تڏھن بہ آءٌ پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻھو، جھڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنھن کان وڌيڪ سمجھي.

7 مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.

8 ھن بابت مون ٽي دفعا خداوند کي منٿ ڪئي تہ اھو مون کان پري ڪيو وڃي.

9 پر ھن مون کي چيو تہ ”منھنجو فضل تنھنجي لاءِ ڪافي آھي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي ٿئي.“ تنھنڪري آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنھنجين ڪمزورين تي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منھنجي مٿان ڇانيل رھي.