2.ڪرنٿين 12:7-13 SCLNT

7 مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.

8 ھن بابت مون ٽي دفعا خداوند کي منٿ ڪئي تہ اھو مون کان پري ڪيو وڃي.

9 پر ھن مون کي چيو تہ ”منھنجو فضل تنھنجي لاءِ ڪافي آھي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي ٿئي.“ تنھنڪري آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنھنجين ڪمزورين تي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منھنجي مٿان ڇانيل رھي.

10 سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي⁠عزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.

11 آءٌ بي⁠وقوف تہ برابر ٿيو آھيان، پر انھيءَ لاءِ اوھان ئي مون کي مجبور ڪيو آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي منھنجي تعريف ڪرڻ گھربي ھئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪي ڪين آھيان، تڏھن بہ اوھان جي تمام وڏن رسولن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ گھٽ نہ آھيان.

12 حقيقت ۾ مون رسول ھئڻ جون علامتون وڏي صبر سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ معجزن سان اوھان تي ظاھر ڪيون.

13 ڪھڙيءَ ڳالھہ ۾ اوھان ٻين ڪليسيائن کان گھٽ ٿيا، سواءِ ھن جي تہ آءٌ اوھان تي بار نہ ٿيس؟ جي اھا غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو.