9 سو مون انھيءَ لاءِ اوھان کي لکيو تہ جيئن اوھان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ منھنجا فرمانبردار آھيو يا نہ.
10 جڏھن اوھين ڪنھن کي ڪا ڳالھہ معاف ڪريو ٿا تہ آءٌ بہ ان کي معاف ڪريان ٿو ۽ جيڪي مون معاف ڪيو آھي، جيڪڏھن ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالھہ ھئي تہ مسيح جي حضور ۾ اوھان جي خاطر معاف ڪئي اٿم.
11 انھيءَ ڪري تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي نہ پئون، ڇوجو اسين سندس منصوبن کان بيخبر نہ آھيون.
12 جڏھن آءٌ مسيح جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس ۾ آيس تہ خداوند جي طرفان مون لاءِ ھڪڙو در کلي پيو.
13 تڏھن بہ منھنجي دل کي آرام نہ آيو، ڇالاءِجو مون پنھنجي ڀاءُ طيطس کي نہ ڏٺو. پوءِ اتان جي ماڻھن کان موڪلائي مڪدونيا ۾ ھليو آيس.
14 پر خدا جو شڪر آھي، جيڪو اسان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري سدائين سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجي علم جي خوشبوءِ اسان جي وسيلي ھر ھنڌ پکيڙي ٿو.
15 انھيءَ ڪري اسين خدا جي آڏو ڇوٽڪارو پائيندڙن ۽ تباھي حاصل ڪرڻ وارن ٻنھي لاءِ مسيح جي سرھاڻ آھيون.