2.ڪرنٿين 5:13-19 SCLNT

13 جيڪڏھن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين بي⁠خوديءَ جي حالت ۾ آھيون تہ خدا جي خاطر آھيون، پر جيڪڏھن ٺيڪ دماغ سان آھيون تہ اوھان جي خاطر آھيون.

14 ھر حال ۾ مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇالاءِ⁠جو اسين ھن نتيجي تي پھتا آھيون تہ جڏھن ھڪ شخص سڀني جي لاءِ مئو تہ سڀ مري ويا.

15 ھو سڀني جي لاءِ انھيءَ ڪري مئو تہ جيڪي جيئرا آھن سي اڳتي پنھنجي لاءِ نہ پر ھن جي لاءِ جيئن، جيڪو انھن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو.

16 تنھنڪري ھن کان پوءِ اسين ڪنھن کي بہ جسماني طور نہ ٿا سڃاڻون. جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور ڄاتو ھو، پر ھاڻي اسين ھن کي ائين نہ ٿا سڃاڻون.

17 تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.

18 ھي سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي، جنھن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو ۽ صلح ڪرائڻ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي.

19 منھنجو مطلب آھي تہ خدا مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري سڀني ماڻھن کي پاڻ سان ملايو. سندن ڏوھن جو ڪو حساب نہ ڪيائين ۽ ميل ميلاپ جو پيغام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين.