7 اسين سچو ڪلام خدا جي قدرت سان ٻڌايون ٿا. حملي ۽ بچاءَ لاءِ اسان کي سچائيءَ جا ھٿيار آھن.
8 اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بيعزتي بہ. اسان جي بدنامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ نيڪنامي بہ. ڪي اسان کي ٺڳ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اسين سچار آھيون.
9 اسين گمنام سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ مشھور آھيون. مُڙدن وانگر آھيون تڏھن بہ ڏسو، اسين جيئون پيا. اسين سزا کاڌل آھيون تڏھن بہ ماري وڌل نہ آھيون.
10 اسين ڏک تہ سھون ٿا، پر تڏھن بہ ھميشہ خوش ٿا رھون. غريب سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ گھڻن کي شاھوڪار ٿا ڪريون. سڃاسکڻا آھيون تڏھن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آھي.
11 اي ڪرنٿس جا دوستو! اسان کُليءَ طرح اوھان سان ڳالھايو آھي ۽ اسان جون دليون اوھان لاءِ ڪشاديون آھن.
12 اوھان لاءِ اسان جون دليون تنگ نہ آھن، پر اوھان جي دلين ۾ اسان لاءِ تنگي آھي.
13 ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجون دليون ڪشاديون ڪريو.