2.ڪرنٿين 8:10-16 SCLNT

10 انھيءَ ڳالھہ بابت آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان، جيڪا اوھان جي لاءِ فائدي واري آھي. اوھين گذريل سال نہ رڳو انھيءَ ڪم شروع ڪرڻ ۾، پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پھريان ھئا.

11 تنھنڪري ھاڻي انھيءَ ڪم کي پورو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھان شوق سان ارادو ڪيو ھو تيئن پنھنجي طاقت آھر انھيءَ کي پورو بہ ڪريو.

12 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.

13 آءٌ ائين نہ ٿو چاھيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوھان کي تڪليف ملي، پر ھڪجھڙائي ھجي.

14 ھن وقت جيڪا اوھان وٽ گھڻائي آھي سا ھنن جي گھرج پوري ڪري، تہ جيئن ھنن وٽ جيڪا گھڻائي ٿئي سا اوھان جي ڪمي پوري ڪري. اھڙيءَ طرح ھڪجھڙائي ٿي ويندي.

15 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”جنھن گھڻو گڏ ڪيو،تنھن وٽ وڌيڪ نہ بچيو،۽ جنھن ٿورو گڏ ڪيو،تنھن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“

16 خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو.