13 آءٌ ائين نہ ٿو چاھيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوھان کي تڪليف ملي، پر ھڪجھڙائي ھجي.
14 ھن وقت جيڪا اوھان وٽ گھڻائي آھي سا ھنن جي گھرج پوري ڪري، تہ جيئن ھنن وٽ جيڪا گھڻائي ٿئي سا اوھان جي ڪمي پوري ڪري. اھڙيءَ طرح ھڪجھڙائي ٿي ويندي.
15 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”جنھن گھڻو گڏ ڪيو،تنھن وٽ وڌيڪ نہ بچيو،۽ جنھن ٿورو گڏ ڪيو،تنھن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“
16 خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو.
17 ڇالاءِجو ھن نہ رڳو اسان جي ھدايت کي مڃيو پر ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنھنجي خوشيءَ سان اوھان ڏانھن اچي رھيو آھي.
18 ھن سان گڏ اسان انھيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنھن جي تعريف خوشخبري ڦھلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ٿيندي آھي.
19 نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي.