2.ڪرنٿين 9:4-10 SCLNT

4 ائين نہ ٿئي جو جيڪڏھن مڪدونيا جا ڪي ماڻھو مون سان گڏ اچن ۽ اوھان کي تيار نہ ڏسن، تہ پوءِ اوھان تي ڪيل اعتبار جي ڪري نہ رڳو اسان کي پر اوھان کي بہ شرمندو ٿيڻو پوي.

5 تنھنڪري مون ڀائرن کي اھو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ ھو اڳواٽ اوھان وٽ اچن ۽ جنھن نذراني جو اوھان انجام ڪيو آھي، سو پھريائين تيار ڪري رکن، تہ جيئن اھو زور زبردستيءَ سان گڏ ڪيل نہ، پر بخشش وانگر معلوم ٿئي.

6 ياد رکو تہ جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.

7 جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ دل ۾ جيترو ڏيڻ جو ارادو ڪيو آھي تيئن اوترو ئي ڏئي، نہ ڪُرڪي ڪنجھي ۽ نڪي لاچاريءَ سان، ڇوتہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.

8 خدا اوھان تي ھر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن ھر شيءِ اوھان وٽ ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي ضرورت کان گھڻي ھجي ۽ اوھين ھر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو.

9 جيئن پاڪ لکت ۾ آھي تہ”ھن ڪثرت سان ورھايو آھي،ھن غريبن کي ڏنو آھي،ھن جي سخاوت ھميشہ تائينقائم رھندي.“

10 خدا، جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوھان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيندو ۽ انھيءَ کي وڌائيندو. اھو ئي اوھان جي سخاوت جو ڦل بہ وڌائيندو.