2.ڪرنٿين 9:9-15 SCLNT

9 جيئن پاڪ لکت ۾ آھي تہ”ھن ڪثرت سان ورھايو آھي،ھن غريبن کي ڏنو آھي،ھن جي سخاوت ھميشہ تائينقائم رھندي.“

10 خدا، جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوھان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيندو ۽ انھيءَ کي وڌائيندو. اھو ئي اوھان جي سخاوت جو ڦل بہ وڌائيندو.

11 اوھين ھر شيءِ ۾ آسودگي ڏسي ھر طرح جي سخاوت ڪندا، جيڪا اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاريءَ جو سبب ھوندي.

12 ڇالاءِ⁠جو ھن خدمت انجام ڏيڻ سان نہ رڳو ايمان وارن جون گھرجون پوريون ٿين ٿيون، بلڪ اھا گھڻن ماڻھن جي طرفان خدا جي شڪرگذارين جي ڪري گھڻي وڌي بہ وڃي ٿي.

13 انھيءَ خدمت مان ماڻھن کي اھو ثبوت ملندو، تہ ڪيئن نہ اوھين مسيح جي خوشخبريءَ جو اقرار ڪندي تابعداري ڪري ٿا ڏيکاريو. اھي انھيءَ ڪري خدا جي تعريف ڪندا ۽ انھيءَ ڪري بہ تہ اوھين ھنن جي بلڪ سڀني ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ سخاوت سان شريڪ ٿيو ٿا.

14 ھو اوھان لاءِ ڏاڍي محبت سان دعا ٿا گھرن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جو اوھان تي تمام گھڻو فضل آھي.

15 خدا جو شڪر آھي، سندس انھيءَ بخشش لاءِ جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي.