10 ھن ھيئن بہ چيو تہ”اي خداوند! شروع ۾ تو زمين کي بڻايو۽ پنھنجي ھٿن سان آسمان کي پيدا ڪيو.
11 اھي سڀ ناس ٿي ويندا،پر تون ئي باقي رھندين.اھي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.
12 تون انھن کي چادر وانگر ويڙھي ڇڏيندين۽ اھي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا.پر تون ھميشہ اھو ئي ساڳيو آھين،۽ تنھنجا سال ڪڏھن بہ کٽڻ جا ناھن.“
13 ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏھن بہ ڪنھن کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن جي صندلي نہ بڻايان؟“
14 ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟