5 ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ”تون منھنجو فرزند آھين،اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“
6 وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“
7 ملائڪن بابت ھو چوي ٿو تہ”ھو پنھنجي ملائڪن کي ھوائون۽ پنھنجن خادمن کي باھہ جا شعلا ٿو بڻائي.“
8 پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ”اي خدا! تنھنجو تختھميشہ تائين قائم رھندو،۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.
9 تو سچائيءَ سان محبت،۽ بڇڙائيءَ سان دشمني رکي.تنھنڪري خدا، يعني تنھنجي خدا،خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪريتو کي چونڊيو،۽ تنھنجي سنگتين کان تو کي مٿاھون ڪيو.“
10 ھن ھيئن بہ چيو تہ”اي خداوند! شروع ۾ تو زمين کي بڻايو۽ پنھنجي ھٿن سان آسمان کي پيدا ڪيو.
11 اھي سڀ ناس ٿي ويندا،پر تون ئي باقي رھندين.اھي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.