22 ھاڻي جيئن تہ اسان جو ضمير گناھن کان پاڪ ٿيل آھي ۽ اسان جو جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آھي، تنھنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.
23 اچو تہ جنھن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنھن کي سوگھو جھليون، ڇالاءِجو جنھن واعدو ڪيو آھي سو سچو آھي.
24 اچو تہ اسين محبت ۽ چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ لاءِ ھڪ ٻئي جو خيال رکون.
25 اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻھن جي عادت آھي، بلڪ اچو تہ ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھون. جيئن جيئن اوھين خداوند جو ڏينھن ويجھو ايندو ٿا ڏسو، تيئن تيئن اھڙيون ڳالھيون وڌيڪ ڪندا رھو.
26 پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻيٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي.
27 پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي.
28 جڏھن ڪو ماڻھو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ ھن کي ٻن يا ٽن ماڻھن جي شاھديءَ تي بيرحميءَ سان ماريو ٿو وڃي،