29 تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بيعزت ڪيائين؟
30 ڇالاءِجو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي،آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“
31 زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي.
32 پر انھن اڳوڻن ڏينھن کي ياد ڪريو، جڏھن روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوھان ڏاڍا ڏک سٺا، پوءِ بہ ثابتقدم رھيا.
33 ڪڏھن تہ اوھان طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري تماشو بڻيا ۽ ڪڏھن وري اوھان انھن جو ساٿ ڏنو جن سان اھڙي ھلت ٿي.
34 جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِجو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.
35 تنھنڪري اوھين پنھنجي ھمت نہ ھاريو، ڇالاءِجو انھيءَ جو وڏو اجر آھي.