3 پر اھي قربانيون سالبسال گناھن جي ياد ڏيارين ٿيون.
4 ڇالاءِجو ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرين جو رت گناھن کي مٽائي ڇڏي.
5 تنھنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مھل چيو تہ”تو قربانيءَ ۽ نذراني کي نہ چاھيو،پر تو منھنجي لاءِ ھڪڙو بدن تيار ڪيو.
6 ساڙڻ وارين قربانين۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين کانتون خوش نہ ٿئين.
7 تڏھن مون چيو جيئن پاڪ ڪتاب ۾منھنجي باري ۾ لکيل آھي تہ’ڏس، آءٌ آيو آھيان،انھيءَ لاءِ تہ اي خدا!تنھنجي مرضي پوري ڪريان.‘“
8 پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“
9 پوءِ وري چيائين تہ ”ڏس، آءٌ آيو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ تنھنجي مرضي پوري ڪريان.“ اھڙي نموني خدا اڳين قربانين کي رد ڪري مسيح جي قربانيءَ کي قائم ڪري ٿو.