1 ايمان مان مراد آھي انھن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي اٿئون ۽ انھن شين تي يقين، جيڪي نہ ڏٺيون اٿئون.
2 اھو انھن جو ايمان ئي ھو جو اڳئين زماني جي ماڻھن خدا جي رضا حاصل ڪئي ھئي.
3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ ڪائنات خدا جي حڪم سان بڻي آھي، يعني جيڪي ڪجھہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ شين مان بڻيو آھي.
4 ايمان جي ڪري ئي ھابيل خدا وٽ قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني چاڙھي. انھيءَ جي ئي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاھر ڪيو تہ ھو سچار ھو. جيتوڻيڪ ھو مري ويو آھي تہ بہ ايمان جي ئي وسيلي اڃا تائين ڳالھائي پيو.
5 ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. ھن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِجو خدا مٿي کڻي ورتس. ھن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ ھن بابت اھا شاھدي ڏني ويئي ھئي تہ ھو خدا کي پسند آيو آھي.
6 ايمان کان سواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آھي، ڇالاءِجو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنھن لاءِ اھو ايمان آڻڻ ضروري آھي تہ خدا موجود آھي ۽ جيڪي کيس چاھہ سان ڳولين ٿا تن کي اجر ڏئي ٿو.