17 ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
18 انھيءَ ئي پٽ جي باري ۾ خدا چيو ھوس تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل جاري ٿيندو.“
19 ڇالاءِجو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.
20 ايمان جي ڪري ئي اسحاق يعقوب ۽ عيسوءَ کي سندن مستقبل جي برڪت ڏني.
21 ايمان جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مھل يوسف جي ٻنھي پٽن کي برڪت ڏني ۽ پنھنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي سجدو ڪيائين.
22 ايمان جي ڪري ئي يوسف مرڻ مھل بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪرڻ جو ذڪر ڪيو ۽ پنھنجين ھڏين بابت حڪم ڏنائين.
23 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُپيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ کيس ٽن مھينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِجو ھنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آھي ۽ اھي بادشاھہ جي حڪم کان ڪين ڊنا.