37 ھو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، تلوار سان قتل ڪيا ويا ۽ آزمايا ويا. ھو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ ڀٽڪندا رھيا.
38 دنيا انھن جي لائق نہ ھئي. ھو بيابانن، جبلن، غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ رلندا رھيا.
39 انھن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري ساراھيو ويو، تڏھن بہ انھن مان ڪنھن کي بہ واعدي ڪيل شيءِ ڪانہ ملي.
40 ڇالاءِجو خدا اسان جي لاءِ اڳي ئي بھتر سوچيو ھو تہ اھي اسان سان گڏجڻ سان ئي ڪامل ڪيا وڃن.