عبرانين 12:11-17 SCLNT

11 ڪابہ سيکت جڏھن ڏني وڃي ٿي، تڏھن خوشيءَ جو نہ، بلڪ غم جو سبب ٿي معلوم ٿئي. پر اھا آخر ۾، جيڪي برداشت ڪري پڪا ٿي ويا، تن کي سچائيءَ جو ڦل ٿي بخشي، جنھن سان اطمينان حاصل ٿئي ٿو.

12 تنھنڪري ڍلا ھٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.

13 پنھنجي پيرن لاءِ رستا سنوان ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ ڪو منڊو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.

14 سڀني ماڻھن سان صلح سان رھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انھيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنھن کانسواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.

15 خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون.

16 خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر بي⁠دين نہ ٿئي، جنھن ھڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنھنجي پھريتي ٿيڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.

17 اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ کان پوءِ جڏھن ھن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. ھن کي توبھہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ ھن ڳوڙھا ڳاڙيندي انھيءَ برڪت کي ھٿ ڪرڻ جي تمام گھڻي ڳولا ڪئي.