18 اوھين سينا جبل وٽ نہ آيا، جنھن کي ڇھي سگھڻ ممڪن ھو. اھو جبل باھہ سان پئي ٻريو ۽ مٿس ڪاراڻ، اونداھي ۽ طوفان ھو.
19 انھيءَ تي نفيل جو شور ۽ ڪلام ٻڌائيندڙ جو اھڙو آواز ھو، جنھن جي ٻڌڻ وارن عرض ڪيو تہ کين وڌيڪ ڪلام نہ ٻڌايو وڃي.
20 ڇالاءِجو ھو اھو حڪم برداشت ڪري نہ سگھيا، جنھن ۾ کين چيو ويو ھو تہ ”جيڪڏھن ڪو جانور بہ انھيءَ جبل کي ڇھي تہ کيس سنگسار ڪيو وڃي.“
21 اھو نظارو اھڙو تہ خوفناڪ ھو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ ڏاڍو ڊڄان ۽ ڏڪان ٿو.“
22 پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.
23 اوھين انھن پھريتن جي جماعت، يعني ڪليسيا ۾ آيا آھيو، جن جا نالا آسمان ۾ لکيل آھن. اوھين سڀني جي منصف خدا وٽ ۽ ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آھيو.
24 اوھين نئين عھد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ انھيءَ ڇٽڪاريل رت وٽ آيا آھيو، جيڪو ھابيل جي رت کان بھتر ڳالھيون ٿو ڪري.