عبرانين 12:2-8 SCLNT

2 اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

3 انھيءَ تي غور ڪريو، جنھن گنھگارن جي طرفان ايتري مخالفت برداشت ڪئي، تان تہ اوھين بيزار ٿي ھمت نہ ھاريو.

4 اوھان گناھہ جي خلاف وڙھڻ ۾ اڃا تائين اھڙو مقابلو نہ ڪيو آھي جو اوھان جو رت وھايو ويو ھجي.

5 اوھين انھيءَ ھمتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آھيو، جيڪا اوھان کي ٻارن وانگر ڪئي ويئي آھي تہ”اي منھنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کيخسيس نہ سمجھہ،۽ جڏھن ھو تو کي تنبيھہ ڪري،تڏھن ھمت نہ ھار.

6 جنھن سان خداوند محبت ٿو رکي،تنھن کي ھو سيکت بہ ڏئي ٿو،۽ جنھن کي ٻار ٿو بڻائي،تنھن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“

7 انھيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رھو، خدا اوھان سان ٻچن جھڙي ھلت ٿو ڪري. ڇالاءِ⁠جو اھو ڪھڙو ٻار آھي، جنھن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟

8 پر جيڪڏھن اوھان کي اھا سيکت نہ ڏبي، جيڪا ھر ڪو ٻار ٿو سھي، تڏھن اوھين حرامزادا ٿيا، نڪي سچا ٻار.