26 سندس آواز انھيءَ وقت زمين کي لوڏي ڇڏيو ھو. پر ھاڻي ھن اھو واعدو ڪيو آھي تہ”ھڪڙو دفعو اڃا بہ، نہ رڳو زمين کي،بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“
27 سو اھي لفظ تہ ”ھڪڙو دفعو اڃا بہ،“ اھو ظاھر ٿا ڪن تہ جيڪي شيون لوڏيون وڃن ٿيون، سي خلقيل شين وانگر گم ٿي وينديون. انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون نہ ٿيون لڏن سي قائم رھن.
28 تنھنڪري اچو تہ اھڙي بادشاھت حاصل ڪريون، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناھي. اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اھڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اھا خدا کي پسند اچي.
29 ڇالاءِجو اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باھہ آھي.