عبرانين 12:9-15 SCLNT

9 تنھن کان سواءِ جڏھن اسان جا جسماني پيئر اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، تڏھن انھن جي تعظيم ڪندا ھئاسون، تہ پوءِ اسين پنھنجي روحاني پيءُ جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رھون؟

10 اسان جا جسماني پيئر ٿورن ڏينھن جي لاءِ جيئن مناسب سمجھندا ھئا تيئن اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، پر خدا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ اسان کي سيکت ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.

11 ڪابہ سيکت جڏھن ڏني وڃي ٿي، تڏھن خوشيءَ جو نہ، بلڪ غم جو سبب ٿي معلوم ٿئي. پر اھا آخر ۾، جيڪي برداشت ڪري پڪا ٿي ويا، تن کي سچائيءَ جو ڦل ٿي بخشي، جنھن سان اطمينان حاصل ٿئي ٿو.

12 تنھنڪري ڍلا ھٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.

13 پنھنجي پيرن لاءِ رستا سنوان ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ ڪو منڊو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.

14 سڀني ماڻھن سان صلح سان رھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انھيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنھن کانسواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.

15 خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون.