1 ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.
2 مسافرن جي مھماننوازي ڪندا رھو، ڇالاءِجو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بيخبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.
3 قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا.
4 سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِجو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.
5 پيسي سان پيار نہ رکو، جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن تي راضي رھو. ڇالاءِجو خدا پاڻ چيو آھي تہ”آءٌ تو کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ڏيندس،۽ نڪي ڪڏھن تو کي وساريندس.“
6 تنھنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ”خداوند منھنجو مددگار آھي،آءٌ ڪين ڊڄندس.انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“