10 اسان جي تہ ھڪڙي اھڙي قربانگاھہ آھي، جنھن مان پھرين عھد جي ڪاھنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونھي.
11 ڇالاءِجو جن جانورن جو رت سردار ڪاھن گناھن جي ڪفاري جي لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ کڻي ٿو وڃي، تن جا بدن خيميگاھہ جي ٻاھران ساڙيا ٿا وڃن.
12 انھيءَ ڪري عيسيٰ بہ شھر جي دروازي جي ٻاھران ڏک سٺو، تہ جيئن پنھنجي رت جي وسيلي پنھنجيءَ امت کي پاڪ ڪري.
13 تنھنڪري اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيميگاھہ کان ٻاھر ھن وٽ ھلون.
14 ڇالاءِجو ھتي اسان جو ڪو قائم رھڻ وارو شھر ڪونھي، بلڪ اسين اھڙي شھر جي ڳولا ۾ آھيون جيڪو اچڻ وارو آھي.
15 تنھنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي سدائين خدا جي واکاڻ جي قرباني ڪندا رھون، يعني انھيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.
16 پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِجو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.