عبرانين 13:15-21 SCLNT

15 تنھنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي سدائين خدا جي واکاڻ جي قرباني ڪندا رھون، يعني انھيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.

16 پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.

17 اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.

18 اسان جي لاءِ دعا گھرندا رھو، ڇالاءِ⁠جو اسان کي پڪ آھي تہ اسان جي نيت صاف آھي ۽ اسين ھر طرح ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ ٿا چاھيون.

19 آءٌ اوھان کي خاص طور ھن ڪري منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين دعا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوھان وٽ وري اچي سگھان.

20 اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو.

21 شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.