1 تنھنڪري جيڪي ڳالھيون اسان ٻڌيون آھن، تن تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان لڙھي انھن کان پري نڪري نہ وڃون.
2 ڇالاءِجو جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رھيو ۽ جنھن ان ڪلام کي نہ مڃيو ۽ ان جي نافرماني ڪئي تنھن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.
3 تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِجو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.
4 خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.
5 سو ايندڙ جھان، جنھن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنھن کي خدا ملائڪن جي تابع نہ ڪيو.
6 پر پاڪ ڪلام ۾ ڪنھن شاھدي ڏني آھي تہ”انسان ڇا آھي، جو تون ھن کي ياد ڪرين،يا انسان جو اولاد ڇا آھي، جو تون ھن جو فڪر ڪرين.
7 تو ھن کي ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو.تو ھن کي عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو.