عبرانين 2:2-8 SCLNT

2 ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رھيو ۽ جنھن ان ڪلام کي نہ مڃيو ۽ ان جي نافرماني ڪئي تنھن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.

3 تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.

4 خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.

5 سو ايندڙ جھان، جنھن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنھن کي خدا ملائڪن جي تابع نہ ڪيو.

6 پر پاڪ ڪلام ۾ ڪنھن شاھدي ڏني آھي تہ”انسان ڇا آھي، جو تون ھن کي ياد ڪرين،يا انسان جو اولاد ڇا آھي، جو تون ھن جو فڪر ڪرين.

7 تو ھن کي ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو.تو ھن کي عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو.

8 تو سڀ شيون ھن جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيون.“خدا سڀ شيون انسان جي تابع ڪيون آھن ۽ ڪابہ اھڙي شيءِ نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ ھجي، پر اڃا تائين اسين سڀ شيون ھن جي تابع نہ ٿا ڏسون.