عبرانين 2:9-15 SCLNT

9 مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.

10 جنھن جي لاءِ ۽ جنھن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آھن، تنھن خدا لاءِ اھو مناسب ھو تہ جڏھن گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪري تڏھن انھن جي ڇوٽڪاري جي اڳواڻ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.

11 جيئن تہ پاڪ ڪرڻ وارو ۽ پاڪ ٿيڻ وارا ٻئي ساڳئي ئي گھراڻي جا آھن، تنھنڪري عيسيٰ انھن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي.

12 بلڪ ھو چوي ٿو تہ”آءٌ پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ تنھنجو نالو پڌرو ڪندس.جماعت ۾ آءٌ تنھنجي ساراھہ جا گيت ڳائيندس.“

13 ھو وري چوي ٿو تہ”آءٌ ھن تي ڀروسو ڪندس.“ ھو ائين بہ چوي ٿو تہ”اِجھو، آءٌ آھيان ۽ اھي ٻار پڻ،جيڪي خدا مون کي ڏنا آھن.“

14 جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي.

15 ان سان گڏ ھو انھن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار ھئا.