3 جيئن ڪنھن گھر جو جوڙيندڙ انھيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو، تيئن عيسيٰ بہ موسيٰ کان وڌيڪ عزت جي لائق ليکيو ويو.
4 ڇالاءِجو ھر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ ھوندو آھي، پر جنھن سڀ ڪجھہ بڻايو سو خدا ئي آھي.
5 ھاڻي موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالھيون پوءِ بيان ٿيڻيون ھيون، تن جي شاھدي ڏئي.
6 پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.
7 جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،
8 تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو،جيئن چڙ ڏيارڻ واري مھل، يعني آزمائش جي ڏينھناوھان رڻپٽ ۾ ڪيو.
9 اتي اوھان جي ابن ڏاڏن منھنجي آزمائش ورتي،مون کي پرکيو۽ چاليھن سالن تائين منھنجا ڪم ڏٺائون.