4 ڪوبہ ماڻھو پنھنجو پاڻ اھا عزت ھٿ ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس ھارون وانگر نہ چونڊي.
5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاھن ٿيڻ جي عزت پاڻ نہ ڏني، بلڪ خدا کيس چيو تہ”تون منھنجو فرزند آھين،اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان.“
6 اھڙيءَ طرح ھو ٻي ھنڌ بہ چوي ٿو تہ”تون ملڪصدق جي طريقي موجبھميشہ لاءِ ڪاھن آھين.“
7 عيسيٰ پنھنجي جسماني زندگيءَ ۾ زارون زار روئي ۽ دانھون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انھيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.
8 جيتوڻيڪ ھو فرزند ھو، تڏھن بہ ھن ڏک سھي ڪري فرمانبرداري سکي.
9 پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.
10 ان سان گڏ خدا جي طرفان ملڪصدق جي طريقي موجب سردار ڪاھن مقرر ڪيو ويو.