عبرانين 6:4-10 SCLNT

4 سو انھن جي حال تي غور ڪريو جيڪي ھڪ ئي دفعي روشن دل ٿيا آھن، جن آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آھي ۽ جيڪي پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آھن

5 ۽ جن خدا جي چڱي ڪلام ۽ ايندڙ جھان جي طاقتن جو تجربو حاصل ڪيو آھي.

6 پوءِ جيڪڏھن اھي گمراھہ ٿي وڃن تہ ٻيھر انھن جو توبھہ ڪرڻ ناممڪن آھي. ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اھي خدا جي فرزند کي نئين سر صليب تي چاڙھي ظاھر ظھور ھن کي بي⁠عزت ٿا ڪن.

7 مثال طور جيڪا زمين پاڻ تي ھر ھر پوندڙ مينھن جو پاڻي ٿي پيئي ۽ پنھنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنھن تي خدا جي برڪت ٿي نازل ٿئي.

8 پر جيڪا زمين ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنھن ڪم جي ناھي ۽ لعنت پوڻ کي ويجھو ٿي ٿئي. آخر ڪار اھا ساڙي وڃي ٿي.

9 پر اي عزيزو! جيتوڻيڪ اسين اھي ڳالھيون ڪريون ٿا، تڏھن بہ توھان جي باري ۾ بھترين ۽ ڇوٽڪاري سان لاڳو ٿيندڙ ڳالھين جو يقين ٿا رکون،

10 ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.