عبرانين 6:7-13 SCLNT

7 مثال طور جيڪا زمين پاڻ تي ھر ھر پوندڙ مينھن جو پاڻي ٿي پيئي ۽ پنھنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنھن تي خدا جي برڪت ٿي نازل ٿئي.

8 پر جيڪا زمين ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنھن ڪم جي ناھي ۽ لعنت پوڻ کي ويجھو ٿي ٿئي. آخر ڪار اھا ساڙي وڃي ٿي.

9 پر اي عزيزو! جيتوڻيڪ اسين اھي ڳالھيون ڪريون ٿا، تڏھن بہ توھان جي باري ۾ بھترين ۽ ڇوٽڪاري سان لاڳو ٿيندڙ ڳالھين جو يقين ٿا رکون،

10 ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.

11 اسان جي خواھش آھي تہ اوھان مان ھر ڪو پنھنجيءَ اميد کي يقيني بنائڻ لاءِ پڇاڙيءَ تائين ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو رھي.

12 اسين چاھيون ٿا تہ اوھين سست نہ ٿيو، پر انھن جا پيروي ڪندڙ ٿيو، جيڪي ايمان ۽ صبر جي ڪري خدا جي ڪيل واعدن جا وارث ٿا ٿين.

13 خدا جڏھن ابراھيم سان واعدو ڪيو تڏھن ھن پنھنجو ئي قسم کنيو، ڇالاءِ⁠جو کانئس وڏو ڪوبہ نہ ھو.