عبرانين 7:1-6 SCLNT

1 ملڪصدق شاليم جو بادشاھہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاھن ھو. جڏھن ابراھيم بادشاھن کي شڪست ڏيئي موٽيو پئي آيو تہ ملڪصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.

2 ابراھيم ھن کي سڀني شين جو ڏھون حصو ورھائي ڏنو. ملڪصدق پنھنجي نالي جي معنيٰ موجب پھريائين ”سچائيءَ جو بادشاھہ“ آھي، تنھن کان پوءِ شاليم جو بادشاھہ بہ آھي، يعني ”سلامتيءَ جو بادشاھہ.“

3 ھو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آھي. نہ سندس عمر جي شروعات آھي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ ھو خدا جي فرزند جھڙو ڪيو ويو تہ جيئن ھميشہ لاءِ ڪاھن رھندو اچي.

4 سو غور ڪري ڏسو تہ اھو شخص ڪيڏو نہ عظيم ھو، جو قوم جي بزرگ ابراھيم غنيمت جي مال مان بہ کيس ڏھون حصو ڏنو.

5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاھن جو عھدو ٿو ملي تن کي حڪم آھي تہ شريعت موجب پنھنجي قوم بني اسرائيل کان ڏھون حصو اڳاڙين، جيتوڻيڪ اھي بہ ابراھيم جي نسل مان ئي آھن.

6 پر ملڪصدق جيئن تہ لاويءَ جي نسل مان نہ ھو، تنھن ھوندي بہ ابراھيم کان ڏھون حصو ورتائين ۽ جنھن سان واعدا ڪيا ويا ھئا، تنھن کي دعائون ڏنائين.