18 تنھنڪري پھريون حڪم ڪمزور ۽ بيفائدي ھئڻ ڪري رد ٿي ويو،
19 ڇالاءِجو شريعت ڪنھن کي بہ ڪامل ڪري نہ سگھي. سو انھيءَ جي بدران اسان کي ھڪ بھتر اميد ڏني ويئي آھي، جنھن جي وسيلي اسين خدا کي ويجھو وڃي ٿا سگھون.
20 اھو سڀ قسم کڻڻ کان سواءِ نہ ٿيو. جيتوڻيڪ ٻيا قسم کان سواءِ ڪاھن مقرر ٿيا،
21 پر عيسيٰ قسم ساڻ ڪاھن مقرر ٿيو، جڏھن خدا کيس چيو تہ”خداوند قسم کنيو آھي،جنھن کان ھو ڪڏھن ڪين ڦرندو تہ’تون ھميشہ جي لاءِ ڪاھن آھين.‘“
22 انھيءَ قسم جي ڪري عيسيٰ ھڪ بھتر عھد جو ضامن ٿيو.
23 پر اھي تہ گھڻا ئي ڪاھن مقرر ٿيا، انھيءَ ڪري جو موت کين قائم رھڻ نہ ٿي ڏنو.
24 مگر عيسيٰ جيئن تہ ھميشہ تائين جيئرو رھڻ وارو آھي، تنھنڪري سندس ڪاھني لازوال آھي.